ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )دنيا جي خوبصورت ترين مُلڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي ۽ اِهو ئي سبب آهي جو هر سال ڪيئي سياح اسان جو مُلڪ جو سفر ڪندا آهن.
ان حوالي سان مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽِڪ ٽاڪ به پنهنجي پليٽ فارم تي ” گهومو پاڪستان“ نالي مهم شروع ڪئي هئي جيڪا ٻن مهينن تائين جاري رهڻ بعد سياحت جي عالمي ڏهاڙي ( 27 سپٽيمبر ) تي پڄاڻي تي پهتي.
ان مهم دوران GhoomoPakistan # ۽ #ThisisPakistan هيش ٽيگز سان پوسٽ ٿيندڙ وڊيوز کي ارب ٽيهه ڪروڙ ڀيرا ڏٺو ويو.
سوشل ميڊيا ڪمپني موجب ان مهم جو مقصد سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي حوالي سان پرڏيهي سياحن کي پيش خدشا ختم ڪرڻ هو.
ان سان گڏوگڏ اهڙن سياحتي ماڳن کي به اجاگر ڪرڻ هو جيڪي هن وقت ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز ناهن ته جيئن پاڪستان جي اصل خوبصورتي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻيا رخ سامهون آڻي سگهجن.
مهم لاءِ ٽِڪ ٽاڪ مقامي تخيلقڪارن سان ڀائيواري ڪندي سئو کان وڌيڪ وڊيوز پيش ڪيا.
ان سان گڏ ٽِڪ ٽاڪ ” گهومو پاڪستان “ نالي ٽريول هب به متعارف ڪرايو جنهن ۾ مختلف رستن جا تفصيل، سياحتي ماڳن ۽ هوٽلن بابت تجويزن سميت پاڪستاني کاڌن تي ٻڌل سيڪشن شامل هئا.
ٽِڪ ٽاڪ پاڪستان جي ڪانٽينٽ آپريشنز ۽ مارڪيٽنگ جي سربراهه سيف مجاهد ٻڌايو ته سياحت هڪ تمام اهم موضوع آهي ۽ اسان پنهنجي ” گهومو پاڪستان“ مهم جا اثر ڏسي وڌيڪ پرجوش ٿي ويا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي ٽِڪ ٽاڪ ڪميونٽي سان گڏ پاڪستان جي گهڻ رخن ۽ خوبصورت منظرن کي اجاگر ڪنداسين.