ميٽا جنريٽيو آرٽي فيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي کي پنهنجي واهپيدارن تائين پهچائڻ لاءِ انسٽاگرام، واٽس ايپ، ميسنجر ۽ فيسبوڪ تي ڪيئي نوان فيچرز ۽ ٽولز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميٽا ڪنيڪٽ 2023ع جي موقعي تي ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽيو مارڪ زڪربرگ ڪيترن ئي اي آءِ فيچرز ۽ ٽولز بابت ٻڌايو، ان سان گڏوگڏ ميٽا ڊجيٽل اسسٽنٽ کي به مختلف سروسز جو حصو بڻايو ويندو.
ايونٽ دوران ڪمپني پنهنجا نوان ورچوئل رئليٽي هيڊ سيٽ ڪوئيسٽ ٿري ۽نوان ري بين سمارٽ فون گلاسز به پيش ڪيا.
ميٽا اي اي ( جيٽيل اسسٽنٽ ) فيچر ڇا آهي؟
هي بلڪل چيٽ جي پي ٽي وانگر اي آءِ ڊجيٽل اسسٽنٽ آهي جيڪو واهپيدارن طرفان پڇيل سوالن جا جواب ڏيندو .
مارڪ زڪربرگ موجب، ڊجيٽل اسسٽنٽ مائيڪرو سافٽ بنگ سرچ تائين پهچ حاصل ڪري رئيل ٽائم انفارميشن واهيپدارن تائين پهچائيندو.
ڊجيٽل اسسٽنٽ واٽس ايپ، ميسنجر ۽ انسٽاگرام تي واهپيدارن لاءِ موجود هوندو جيڪو ڪمپني جي لارج لينگوئج ماڊل لاما ٽو تي ٻڌل آهي.
مشهور شخصيتن جا اي آءِ اواتارز
ميٽا اي آءِ سان گڏوگڏ ڪمپني طرفان 28 اي آءِ اواتارز جو اعلان به ڪيو ويو جيڪي مختلف مشهور شخصيتن تي ٻڌل آهن.
اعلانيل اواتارز واٽس ايپ، ميسنجر ۽ انسٽاگرام تي موجود هوندا جنهن سان واهپيدار مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻول ڪري سگهندا.
مارڪ زڪربرگ ٻڌايو ته هوريان هوريان واهپيدر پنهنجو پاڻ ڊجيٽل اسسٽنٽ تيار ڪري سگهندا، پر ان ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو.
اي آءِ اميج اڊيٽنگ
اي آءِ اي اميج ايڊيٽنگ نالي ٽول انسٽاگرام ۾ متعارف ڪرايو ويندو، جنهن جي مدد سان واهپيدار ميٽا جي نئين اميج ماڊل ايمو جو استعمال ڪري ڪنهن تصوير جي پسمنظر ۽ اسٽائل کي تحريري هدايتن ذريعي تبديل ڪري سگهندا، اِهو ٽول 5 سيڪنڊن ۾ تصوير تيار ڪري سگهندو.
اي آءِ اسٽيڪرز
هي فيچر به ماڊل ايمو استعمال ڪري لکت ۾ ڏنل هدايتن پٽاندڙ ڪجهه سڪينڊن ۾ اسٽيڪر تيار ڪندو، اِهو فيچر آڪٽوبر ۾ واٽس ايپ، انسٽاگرام، ميسنجر ۽ فيسبوڪ اسٽوريز ۾ موجود هوندو.