”پاڪستان تي سرحد پار کان حملو ڪندڙ ٻه سئو انتها پسند گرفتار“

 ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان طالبان پاران ٻه سئو شڪي انتهاپسندن کي پاڪستان خلاف سرحد پار حملا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، طالبان ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف وٺ پڪڙ جا تفصيل گذريل هفتي ڪابل ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد جي ڳالهين دوران شيئر ڪيا.

رپورٽ موجب، طالبان جي سُپريم ليڊر هيبت الله اخوندزادا پنهنجي فورسز کي پاڪستان خلاف سرحد پار حملن کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ حملن کي حرام ۽ غير اسلامي قرار ڏنو آهي.

طالبان سپريم ليڊر افغان عوام کي به حڪم ڏنو آهي ته هو ٽي ٽي پي سان ڪو به سهڪار ڪرڻ کان پاسو ۽ کين عطيو ڏيڻ به بند ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.