سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته شهباز شريف جو اسٽيبلشمينٽ جو پيغام کڻي وڃڻ وارين ڳالهين ۾ ڪائي صداقت نه آهي.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته شهباز شريف بابت خبرون گردش ڪنديون رهيون ته هو ٻه ڏينهن لاءِ آيو ۽ ٻيهر واپس هليو ويو.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه شين جي مشاورت ٽيليفون تي نٿي ڪري سگھجي ۽ ڪجهه ڳالهين تي کليل بحث ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته شهباز شريف، نواز شريف سان اليڪشن بابت مشاورت ڪئي، شهباز شريف جو اسٽيبلشمينٽ جو پيغام کڻي وڃڻ وارين ڳالهين ۾ صداقت ناهي.
اڳوڻي بچاءَ واري وزير چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس ورندو، ارادو پڪو آهي، نواز شريف جي واپسي جون ڀرپورتياريون جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هو نواز شريف جي واپسي تي سندس گرفتار بابت ڪابه نٿو ڪري سگهي، اڳوڻو قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ معاملي کي ڏسي رهيو آهي.