فيض آباد ڌرڻو ڪيس: آءِ بي ۽ پيمرا کانپوءِ وفاقي حڪومت جو به نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو

آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ تي سوال اُٿاريندي چيوته فيض آباد ڪيس جي فيصلي تي عمل ڇو نه ٿيو؟ سڀ ايترا ڊنل ڇو آهن؟ .

سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس طهر من الله ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ فيض آباد ڌرڻي جي نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، پر ان کان اڳ ڌرين نظرثاني درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن.

پيمرا ۽ انٽيليجنس بيورو کانپوءِ هاڻي وفاق به نظرثاني درخواست واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تصديق اٽارني جنرل ڪئي.

وفاق بچاءَ واري وزارت ذريعي نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي پر هاڻ اٽارني جنرل عثمان منصور چيو ته فيض آباد ڌرڻي جي نظرثاني درخواست واپس وٺي رهيا آهيون.

سُپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته وفاق فيض آباد ڪيس ۾ دفاع نٿو ڪرڻ چاهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڪيس ڇو واپس وٺڻ چاهيو ٿا؟ پهريان چيو ويو ته فيصلي ۾ غلطيون آهن، هاڻي ڪيس واپس وٺي رهيا آهيو ان جا ڪارڻ ته ٻڌايو؟ .

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نظرثاني اپيل جڏهن داخل ڪئي وئي ان وقت حڪومت ٻي هئي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان لکت ۾ درخواست داخل ڇو نه ڪئي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پنهنجو بيان ڏئي رهيو آهيان.

ٻڌڻي دوران پيمرا جي وڪيل حافظ احسان به عدالت کي ٻڌايو ته هو به پنهنجي نظرثاني اپيل واپس وٺي رهيو آهي، ان تي چيف جسٽي سوال ڪيو ته ڪنهن جي هدايت تي واپس وٺي رهيا آهيو؟ .

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پهرين ڪجهه ڳالهين جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، هي ريگيولر بئنچ آهي خاص بئنچ ناهي، نظرثاني درخواستون فوري طور مقرر ٿينديون آهن پر اِهي چئن سالن تائين مقرر نه ٿيون، فيصلو ڏيڻ وارو هڪ جج رٽائرڊ ٿي چڪو انڪري ان بئنچ ۾ ڪيس نه لڳو.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل به درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي ۽ وڪيل علي ظفر چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي درخواست جي پيروي نٿا ڪرڻ چاهيون، ان تي چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان کي درخواست واپس وٺڻ جو اختيار آهي؟ جيڪڏهن اوهان ڌر بڻجڻ چاهيو ٿا ته عدالت اوهان کي اجازت ڏيندي، علي ظفر جواب ڏنو ته نه اسان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ نٿا چاهيون.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي جي فيصلي تي عملدرآمد بابت سوال اُٿاريا.

ان دوران اٽارني جنرل سُپريم ڪورٽ کي فيض آباد ڌرڻي ڪيس فيصلي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائيندي چيوته ڪيس جي فيصلي تي عمل ڪنداسين پر ان لاءِ عدالت وقت ڏي.

عدالت نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪندي ڌرين کي 27 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ، اليڪشن ڪميشن، اعجاز الحق ۽ ايم ڪيو ايم فيض آباد ڌرڻي فيصلي خلاف نظرثاني درخواستون داخل ڪيون هيون، جڏهن ته شيخ رشيد جي وڪيل ڪيس ۾ التوا جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.