جعلي اڪائونٽس ۽ توشا خانا ڪيس، زرداري ۽ گيلاني احتساب عدالت طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت پاران جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ توشا خانا ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ 24 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ به طلب ڪري ورتو آهي.

ٻئي پاسي عدالت طرفان توشا خانا ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به 24 آڪٽوبر تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.