لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نوَ مئي تي جناح هائوس حملي ۽ ٻين ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
پراسيڪيوشن نوَ مئي تي جناح هائوس حملي سميت ٻين ڪيسن جا چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.
پراسيڪيوشن طرفان نوَ مئي سانحي جي ڪيسن جا چالان عدالت ۾ جمع ڪرايا ويا، انهن ڪيسن ۾ اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما ۽ اڳوڻي صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد نامزد آهن.
ان کانسواءِ چالان ۾ خديجه شاهه ۽ صنم جاويد سميت ٻيا جوابدار پڻ شامل آهن.
پراسيڪيوشن جناح هائوس حملي ڪيس، عسڪري ٽاور حملي، شادمان ٿاڻي ۽ شير پائوپل تي ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جو چالان به عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي.
ياد رهي ته نوَ مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن اهم سرڪاري ۽ دفاعي ادارن جي عمارتن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ شهيدن جي يادگارن کي به نقصان پهچايو ويو هو.
نوَ مئي سانحي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو جن ۾ اعجاز چوڌري، ميان محمود، شهريار آفريدي، عمر سرفراز، ياسمين راشد ۽ ٻيا شامل آهن.