” باپ “ پارٽي (ن) ليگ ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻن نگران وزيراعظم انوار ڪارڪڙ ۽ سرفراز بگٽي ساٿين سميت (ن) ليگ  ۾ ضم ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي  جاويد چوڌري جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين ۾ طئه ٿيو آهي ته ايندڙ  چونڊن کانپوءِ بلوچستان جي حڪومت ” باپ “  پارٽي کي ڏني ويندي، مرڪز ۾ ڪجهه اهم وزارتون به ڏنيون وينديون، جيڪڏهن سينيٽ جو چيئرمين اسحاق ڊار کي نه بڻايو ويو ته باپ کي سينيٽ چيئرمين شپ به ڏني ويندي.

جيڪڏهن  اسحاق ڊار سينيٽ چيئرمين ٿيو ته ڊپٽي چيئرمين شپ ” باپ“  کي ڏني ويندي. ٻنهي پارٽين ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن.  صرف (ن) ليگ ۾ باپ جي ضم ٿيڻ جو اعلان ٿيڻو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 28 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.