ملڪ ۾ سياري کان اڳ ئي گئس جي کوٽ جو خدشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سياري کان اڳ ئي گئس کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو.
حڪومت ملڪ ۾ گئس کوٽ جي خاتمي لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڊسمبر ۾ ايل اين جي سپلاءِ لاءِ عالمي ڪمپنين کان ٻوليون طلب ڪيون ويون آهن.
حڪومت ڊسمبر ۾ ٻن ايل اين جي ڪارگوز لاءِ ٻوليون طلب ڪيون آهن ۽ 4 آڪٽوبر تائين وصولي کانپوءِ ان ڏينهن ئي بڊز کوليون وينديون.
گذريل سال عالمي اگهن ۾ واڌ سبب پاڪستان کي ايل اين جي ڪارگوز حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون هيون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال عالمي سطح تي گئس جا اگهه گهٽ آهن پر سياري ۾ سڄي دنيا ۾ گئس جو استعمال وڌڻ سبب اگهن تي اثر پوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.