اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس بابت دليل نه ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
سپريم ڪورٽ ۾ ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي.
چيف جسٽس دليل نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڪيل فياض شيرازي کي چيو ته ڪيس ۾ ميرٽ تي دليل ڏيو، ٻڌايو توهان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي؟
وڪيل چيو اسان جو ڪيس مدي خارج آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت توهان جو ڪيس ٻڌڻ چاهي ٿي ۽ توهان چئي رهيا آهيو ته ڪيس مدي خارج آهي، توهان ڪلارڪ نه سپريم ڪورٽ جا سينيئر وڪيل آهيو.
چيف جسٽس چيو توهان جو وڏو احترام آهي، ڇو ته توهان سينيئر وڪيل آهيو ۽ توهان جو وڏو مرتبو آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل نه ٿيڻ تي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.
Prev Post
You might also like