ڀارت ۾ قومي ٽيم جي آجيان لاءِ هوائي اڏي تي موجود مداح کان پاڪستاني جهنڊو کسيو ويو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ قومي ٽيم جي آڌرڀاءُ لاءِ حيدرآباد جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي موجود مشهور ڪرڪيٽ مداح ” چاچا بشير “ کان سيڪيورٽي اهلڪار پاڪستاني جهندو کسي ورتو.

ذريعن موجب، قومي ٽيم جي جهاز حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل هوائي اڏي تي لينڊ ڪيو، پاڪستاني ٽيم دبئي رستي حيدرآباد دکن پهتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت اتنظام ڪيا ويا آهن، ويهه کان وڌيڪ سيڪيورٽي گاڏيون هوائي اڏي تي موجود آهن جڏهن ته مختلف چئنل تان پاڪستان ٽيم جي ڀارت پهچڻ جي لائيو ڪوريج جاري آهي.

ٻئي پاسي پاڪستاني مداح چاچا بشير قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارت پهچڻ تي راجيو گانڌي ايئرپورٽ تي پاڪستان جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا، جنهن تي سيڪيورٽي اختيارين چاچا بشير کان پاڪستاني جهنڊو کسي ورتو.

ذريعن موجب، چاچا بشير جو چوڻ آهي ته هوائي اڏي تي پاڪستان ٽيم جي آڌرڀاءُ لاءِ پاڪستاني جهنڊو کڻي ويو هئس، پر سيڪيورٽي وارن جهنڊو کسي ورتو.

چاچا بشير جو چوڻ آهي ته منهنجو لباس پاڪستاني جهندي وانگر سبز آهي.

ياد رهي ته ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستاني مداح چاچا بشير اڄ ئي آمريڪا کان ڀارت پهتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.