ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا نه رڳو ٽينس جي ميدان ۾ مشهور آهي پر هن جا اسٽائلش ڪپڙا به هن جي شخصيت جي هڪ خاصيت آهن.
ٽينس اسٽار هن هفتي مشهور ڀارتي اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چاڌا جي شادي ۾ شرڪت ڪئي.
شادي جي تقريب ۾ ثانيه مرزا جي شاندار لباس ۽ زيورن جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
اداڪارا جي مهندي تقريب ۾ ثانيه مرزا خوبصورت ۽ دلڪش گلن وارو شارارو پهريو، جنهن حاضرين کي حيران ڪري ڇڏيو.
هي خوبصورت شارارو ثانيه مرزا جي فيشن جي چونڊ کي ظاهر ڪري ٿو.
ان کانپوءِ هن تقريب ۾ لهنگو پهريو جيڪو بهترين ثقافتي چونڊ هو.