بيت المقدس کي ئي فلسطين جي راڄڌاني تسليم ڪيو وڃي: سعودي عرب

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب واضح ڪيو آهي ته فلسطين مسئلي جي حل کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن ممڪن ناهي ۽ اسرائيل کي چار جون 1967ع جي حدن ۾ وڃڻو پوندو.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته اسرائيل کي چار جون 1967ع جي حدن ۾ وڃڻ جو واعدو ڪرڻو پوندو.
ڪابينا متفقه فيصلو ڪيو ته فلسطين مسئلي جي حل کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن ممڪن ناهي، سعودي عرب جي مطالبي جو اڪيلو مقصد فلسطيني عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
ڪابينا مطالبو ڪيو ته اوڀر بيت المقدس کي ئي فلسطين جي راڄڌاني تسليم ڪيو وڃي.
واضح رهي ته سعودي عرب گذريل ڏينهن فلسطين ۾ پنهنجو پهريون سفير مقرر ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ اسرائيلي وزير جي سعودي عرب ۾ اعلانيل آمد به ٿي آهي.
ان کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم گڏيل قومن جي اجلاس ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سعودي عرب جلد اسرائيل کي تسليم ڪندو جنهن کان پوءِ وڌيڪ ملڪ به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.