چوماسيءَ جو آخري اسپيل اڃا باقي آهي!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات وسائڻ وارو سسٽم خميس جي شام پاڪستان ۾ داخل ٿيندو، اهو امڪاني طور چوماسي جو آخري اسپيل هوندو.
موسميات کاتي موجب ان دوران ملڪ جي مٿين ۽ جابلو علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 28 کان 30 سيپٽمبر تائين ڪشمير، گلگت بلتستان، چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد ۾ آنڌاري سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
28 ۽ 29 سيپٽمبر تي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ مينهن وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.