سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج ابوالحسنات اٽڪ جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  جنهن دوران پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم ۾ شامل لطيف کوسا، نعيم پنجوٽا، بئريسٽر سلمان صفدر ۽ عمير نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا. احتساب عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو. بعد ۾ عدالت شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.