سرفراز بگٽي بيان ڏين کان اڳ شيخ رشيد جو حشر ڏسي وٺي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي بيان کي حد کان زيادتي قرار ڏئي ڇڏيو. مسلم ليگ (ن)  جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جي بيان کي حدون اورانگهڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته سرفراز بگٽي بيان ڏيڻ کان اڳ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي قسمت ڏسي، نواز شريف خلاف سازشن جا نتيجا نڪرندا. عوام ۽ ملڪ ڏکيائين ۾ آهن، نواز شريف خلاف ڪوڙو ڪيس ڪري ملڪ ۽ عوام دشمني ڪئي وئي. هن چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ايئرپورٽ تان ڪيڏانهن ويندو، اهو فيصلو گهرو وزير جو نه پر عوام جو هوندو. سرفراز بگٽي نواز شريف بابت بيان ڏئي پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪري، نواز شريف جي باري ۾ پريشان ٿيڻ ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي ڪم تي توجه ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.