اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيڪڏهن بيلٽ پيپر تي تحريڪ انصاف جي نه هجڻ تي احتجاج ٿيو ته به چونڊون جائز ۽ قانوني هونديون. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو خاطري ٿو ڪرايان ته چونڊ عمل مڪمل صاف، شفاف ۽ آزاداڻو هوندو، چونڊ عمل ۾ انتظامي سطح تي ڪنهن خاص گروپ جي حمايت يا مخالفت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن بيلٽ پيپر تي پي ٽي آءِ جي نه هجڻ تي احتجاج ٿيو ته به چونڊون جائز ۽ قانوني هونديون، پولنگ جي 8 ڪلاڪن ۾ احتجاج ٿيڻ سبب اليڪشن کي غير قانوني قرار نٿو ڏئي سگهجي، اهو رڳو هڪ بحث جوڳو نڪتو هوندو آهي ته چونڊون ڪنهن حد تائين شفاف ۽ منصفاڻيون آهن. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سربراهه آمريڪا تي سازش جي بيانيي تان پاڻ ئي پوئتي هٽي ويو، ڪڏهن ڪڏهن سياستدان عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو موقف اختيار ڪندا آهن. وزيراعظم اعتراف ڪيو ته گذريل 4 ڏهاڪن ۾ سول ادارن جي ناقص ڪارڪردگي سبب سول ملٽري لاڳاپن ۾ عدم توازن آهي، تعليم هجي، صحت هجي، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ هجي يا ٽيڪس وصولي، خراب حڪمراني جي چئلينجن جو نتيجو آهي. فوج ئي واحد ادارو آهي جنهن ۾ تنظيمي صلاحيت موجود آهي، ان ڪري حڪومت کي روزمره جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ فوج جو ساٿ وٺڻو پوندو. هن چيو ته فوج جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ان جو ڪو به ڪردار نه هجڻ گهرجي، اسان کي سول ادارن جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻو پوندو، فوج جي تنظيمي طاقت کي ڪمزور نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فوج جي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ته جنهن ۾ ان جو ڪوبه ڪردار نه هجڻ گهرجي، ان لاءِ اسان کي سول ادارن جي صلاحيت کي بهتر بڻائڻو پوندو، فوج جي تنظيمي قوت کي ڪمزور ڪرڻ نه گهرجي.