اسلام آباد ( م ڊ ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گرفتاري تي پردو وجهڻ واري بيان بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي. سرفراز بگٽي طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته بيان کي ٽوڙي مروڙي سياسي رنگ ڏنو ويو، نگران سرڪار جي ڪا به سياسي ايجنڊا ناهي، نواز شريف جي پاڪستان جي سياسي ۾ واپسي سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام جو هڪ وڏو حصو نواز شريف جي آجيان جي تيارين ۾ رُڌل آهي ۽ وطن واپسي تي نواز شريف سان قانون پٽاندڙ ورتاءُ ڪيو ويندو. نگران گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اڳڪٿين ۽ افواهن مان ٻاهر نڪري معلومات کي حقيقت جي آئيني سان ڏسڻو پوندو، نگران حڪومت پنهنجي مئنڊيٽ مطابق ڪم ڪندي. واضح رهي ته نگران گهرو وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته نواز شريف کي عدالت مان ضمانت نه ملي ته کيس گرفتار ڪنداسين. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سندس خيال ۾ نواز شريف کي پاڻ به گرفتاري ڏيڻ گهرجي، هڪ جوابدارن کي جهاز مان گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي نفري جي ضرورت ناهي پوندي.