ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا موجب ڊفينس درخشان ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ته اقصيٰ چانڊيو سي ويو اپارٽمينٽ مان گم ٿي وئي آهي. اقصيٰ چانڊيو کي سندس ماءُ پيءُ لالڻ شاهه جي ڀيڻ جي خدمت ۾ ڇڏي ويو هو. لعل شاهه پير جو ڳوٺ جي گادي نشين جو ويجهو مائٽ آهي،صحافي عاجز جمالي لکيو ته هن معاملي کي نج انساني مسئلي جي بنياد تي حل ٿيڻ گهرجي،سڀ کان پهرين ته اقصيٰ کي پنهنجي والدين تائين پهچڻ گهرجي،ماڻهن کي هنن واقعن کي ڏسي اهو سمجهڻ گهرجي ته خدارا پنهنجي نياڻين کي پيرن جي حويلين،سردارن جي بنگلن تائين نوڪرياڻي ڪري نه رکو،فهميده رياض سيوهاڻي به ڪراچي مان به هڪ پير جي فليٽ تان نوجوان ڇوڪري گم ٿي وئي،نصير ميمڻ لکيو ته سوشل ميڊيا جو ذميواراڻو واهپو سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آڻي سگهي ٿو. پيرن ۽ سردارن جي مڳي ٽوڙڻ، ثقافتي اوسر توڙي روزگار وسيلي ماڻهن کي پيرن تي بيهارڻ تائين سماج جا ڪيترائي بنياد بدلائڻ ۾ سوشل ميڊيا وسيلي وڏو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هي جديد دور جا اوزار آهن جن جو درست استعمال سکڻ گهرجي