اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي نگران وزيراعظم جي ايسوسي ايٽڊ پريس کي ڏنل انٽرويو تي بيان ڏيندي چيو آهي ته آئين ۽ چونڊن قانون تحت سمورين سياسي پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا برابر حق حاصل آهن، نگران وزيراعظم جي انٽرويو ۾ رمارڪس کي غلط رپورٽ ڪيو ويو،نگران وزيراعظم تجويز ڪري رهيو هو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ هڪ حق آهي پر ڏوهن تي سزا قانوني طور جائز آهي، هن چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته انٽرويو جي هڪ حصي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، هن چيو ته اهو غلط تاثر ڏنو ويو ته ڪنهن مخصوص شخص کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اطلاعات واري وزير نگران وزيراعظم جي انٽرويو جي متن جو به حوالو ڏنو، نگران وزيراعظم چيو هو ته اسان ذاتي انتقام نه پيا وٺون ڀلي عمران خان هجي يا ڪو ٻيو سياستدان ملڪي قانون جي ڀڃڪڙي تي قانون لاڳو ٿيندو، هن چيو ته نگران وزيراعظم چيو هو ته شفاف چونڊون عمران خان يا پارٽي جي سوين ميمبرن کان بغير ٿي سگهن ٿيون جيڪي ڀڃ ڊاهه ۽ جلاءِ گهيراءِ سميت ٻين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هئڻ تي جيلن ۾ آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا اڳواڻ ڪنهن به ٻي پارٽي وانگر چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ آزاد آهن،پي ٽي آءِ يا پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ جي چونڊ وڙهڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي، هن چيو ته عدليه آزاد ۽ خودمختيار آهي،نگران حڪومت وٽ نه ته عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪو اختيار آهي نه ارادو،نگران حڪومت آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي