اختيار نه هئڻ باوجود نگران حڪومت اگهه ڇو پئي وڌائي: سراج الحق

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته گذريل حڪمرانن جي غلط فيصلن سبب پاڪستان عالمي مالياتي ادارن ۽  استعمار جو سرمايو بڻجي ويو آهي مهانگائي جو روڊ ميپ تيار ڪيو ويو آهي. نگران حڪومت گذريل حڪومتن ۽ آءِ ايم ايف جي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي،هن  چيو ته نگران حڪومت وٽ اختيار نه آهن ته پوءِ بجلي گئس ۽ پيٽرول جا اگهه وڌائي عوام کي ڇو ڦري رهيا آهن؟ جماعت اسلامي عوام جي حقن لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن خوشاب ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر ۽ علائقي جي اهم سماجي شخصيت خالق داد ڀٽي جي جنازي نماز جي موقعي تي مقامي ميڊيا جي نمائندن ۽ عوام جي وڏي انگ سان ڳالهائيندي ڪيوهن چيو ته  اسلام آباد پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو به قدم پاڪستاني قوم ان کي سختي سان دفن ڪري ڇڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.