حج پانڌيئڙن لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حج پانڌيئڙن لاءِ وڏي خوشخبري اها آهي ته نگران وفاقي سرڪاري ان لاءِ 2024ع پاليسي تيار ڪري ورتي آهي.

مذهبي معاملن بابت نگران وفاقي وزير انيق احمد پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته حج پانڌيئڙن لاءِ پاليسي تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي وفاقي ڪابينا 10 ڏينهن ۾ منظوري ڏيندي، گذريل سال پاليسي ۾ دير سبب ڪيترائي مسئلا پيش آيا.

انيق احمد پاليسي بابت ٻڌايو ته پاليسي ۾ 40 ڏينهن جي حج سوڌو گھٽ مدي وارو حج به شامل هوندو، هاڻي پاڪستاني حاجي گم نه ٿيندا پر انهن کي مخصوص رنگ ۽ ڊزائين جا ٻه سوٽ ڪيس ڏنا ويندا.

هن ٻڌايو ته سوٽ ڪيس تي ڪيو آر ڪوڊ جي صورت ۾ حج پانڌيئڙن جون شاهديون موجود هونديون، انهن تي نالو، پاسپورٽ نمبر، پتو، نمبر ۽ ٻي ڄاڻ هوندي.

نگرا وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته حج پانڌيڙا هاڻي هر وقت پاڪستان ۾ گھر ڀاتين سان رابطي ۾ رهي سگھندا، پانڌيئڙن کي پهريون ڀيرو خصوصي موبائل پيڪيج ڏنو ويندو، سعودي عرب جي موبائل فون ڪمپني سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پانڌيئڙا رومنگ کانسواءِ موبائل فون تي آڊيو ۽ وڊيو ڪال ڪري سگھندا، 4 هزار رپين جي موبائل پيڪيج سان پاڪستان ۾ لامحدود ڳالهه ٻولهه ٿي سگھندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.