ڊار ڏچي ۾، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس ٻيهر کولي ويو.

سُپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمي ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ نيب طرفان ريفرنسز جو رڪارڊ احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو عمل جاري آهي.

سُپريم ڪورٽ جاچ پڙتال کانپوءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جو رڪارڊ به احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير رڪارڊ جمع ٿيڻ کانپوءِ اسحاق ڊار کي نوٽيس جاري ڪندي کيس ڏهه آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.