ايشين گيمز والي بال ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي هارائي ڇڏيو.
چين ۾ جاري ايشين گيمز ۾ پاڪستان روايتي مخالف خلاف 3-0 تان ڪاميابي حاصل ڪري والي بال مقابلن ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
ڀارت خلاف پاڪستان جي ڪاميابي جو اسڪور 21-25-20-25 ۽ 23-25 رهيو، پاڪستان طرفان مراد جهان ۽ مراد خان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
ياد رهي پاڪستان 1990ع کانپوءِ پهرين ڀيرو ايشين گيمز ۾ ٽاپ فائيو ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.