اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم ۾ شامل لطيف کوسا، نعيم پنجوٿا، بيئرسٽر سلمان صفدر ۽ عمير نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل رمانڊ ۾ ڏهه آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالتي عملي سندس حاضري لڳائي، عدالت شاهه محمود قريشي جي به جڊيشل رمانڊ ۾ ڏهه آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.