نڪ ۽ ڪن سبرائڻ کانپوءِ ٿيندڙ انفيڪشن کان ڪيئن بچجي؟

شادي جي ڏينهن عورتن جو زيور پهرڻ ڪا نئين ڪالهه ناهي، پر ان مقصد لاءِ نڪ ۽ ڪن سبرائڻ ضروري هوندو آهي. ڇو جو ڪنهن به ڪنوار جو سينگار ان کانسواءِ مڪمل ناهي هوندو.
ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو شوق ۾ به نڪ ۽ ڪن سبرائيندا آهن، پر ڪجهه گھرن ۾ نڪاح کان اڳ ڇوڪري جو نڪ سبرائڻ لازمي هوندو آهي. ان مقصد لاءِ مائرون ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجين نياڻين جو نڪ ۽ ڪن سبرائي واليون ۽ جهمڪا وجهي ڇڏينديون آهن.
پراڻي زماني ۾ عورتون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪن ۽ نڪ ٻنهي پاسن کان سبرائينديون هيون، سنڌ ۾ به اهو عام آهي.
پر اڄ اهو رواج شهري معاشرت جو به حصو بڻجندو پيو وڃي ۽ اهو ئي نه پر هاڻي اها شِيءِ فيشن جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
پرڏيهي ملڪن ۾ ان کي ماڊرن فيشن جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ماڻهو نڪ، ڪنن کانسواءِ پنهنجون زبانون، دُن ۽ چپن جي ڪنارن کي به سبرائي انهن ۾ واليون پهرين ٿا.
پراڻي زماني ۾ ان شوق لاءِ نوڪيلي شيءِ سان نڪ ۽ ڪن سبرائي ان ۾ جانورن جي هڏن مان ٺهيل زيور پهريا ويندا هئا، پوءِ وقت آيو ته گھر جون نانيون ۽ مائرون سئي جي مدد سان نڪ، ڪن سبي ان ۾ ڌاڳو وجهي ڇڏينديون هيون، پوءِ مشين سان نڪ ۽ ڪن سبرائڻ جو دور آيو.
نڪ ۽ ڪن جي سبرائڻ جي طريقيڪار تي سدائين کان سوال اٿاريا ويندا آهن ۽ چيو ويندو آهي ته نڪ ۽ ڪن سبرائڻ وقت صفائي جو خاص خيال ناهي رکيو ويندو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ انهن ڳالهين جو خيال نه ڪرڻ جو سبب هيپاٽائٽس بي، سي ۽ ايڇ آءِ وي (ايڊز) جهڙيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن.
آمريڪي رياست مشي گن جي وائن اسٽيٽ ڊرماٽالوجي انسٽيٽيوٽ جي پروگرام ڊائريڪٽر ۽ کَلَ جي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر ڊيولوئي پنهنجي هڪ ريسرچ ۾ چيو آهي ته ڪن ۽ نڪ سبرائڻ جي عمل ۾ سڀ کان ضروري ۽ اولين شرط اهو آهي ته ڪن ۽ نڪ ڪنهن تجربيڪار فرد کان سبرايو.
ڪنهن به امڪاني انفيڪشن کان بچاءَ لاءِ هيٺ بيان ڪيل احتياطي تدبيرون اپنايو.
صفائي جو خيال رکو
ان ڳالهه جو خيال رکو ته جنهن اوزار سان واهان نڪ ۽ ڪن سبرائي رهيا آهيو اهو پهريان کان استعمال ٿيل نه هجي يا اسٽرلائز ٿيل هجي.
بلڪل اهڙيءَ طرح ڪن ۽ نڪ سبرائڻ وارن هنڌن جي صفائي نه رکڻ سان انفيڪشن پيدا ٿي سگھي ٿو.
ان ڪري اوهان کي گھرجي ته انهن هنڌن کي خوشبو کانسواءِ واري واري ڪلينزر ۽ پاڻي سان گھٽ ۾ گھٽ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ڌوئو.
اينٽي بيڪٽيريل صابڻ جو استعمال نه ڪريو
پنهنجي ڪن ۽ نڪ جي سوراخن کي هائڊروجن پرآڪسائيڊ يا اينٽي بيڪٽيريل صابڻ سان نه ڌوئو ڇو جو ان جي استعمال سان کَلَ کي نقصان پهچندو.
پيٽروليم جيلي جو استعمال
سبرايل هنڌن کي نرم رکڻ لاءِ اتي پيٽروليم جيلي جو استعمال ڪريو پر جراثيم جي پکڙجنڻ کي روڪڻ لاءِ پيٽروليم جيلي جار بدران جي ٽيوب جو استعمال ڪريو.
انفيڪشن جون علامتون
جيڪڏهن سبرايل هنڌ تي زخم ٿيڻ شروع ٿئي ۽ ان ۾ سور ٿئي، زخم جو رنگ ڳاڙهو يا وري ڦڪو رنگ جي ريشي سان ڀريل محسوس ٿئي، ڪن يا نڪ تي سبرايل جاءِ تي کَلَ اڀري ته سمجهي وڃو ته اهو کَلَ تي زخم جو نشان بڻجڻ جو عمل آهي.
جيڪڏهن اوهان کي انفيڪشن جون علامتون محسوس ٿين ته اوهان کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.