مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي احتساب عدالت ترقياتي رٿائن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نيب عدالت کي ٻڌايو ته نيب چيئرمين يارنهن آگسٽ تي مونس الاهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پر جوابدار ڄاڻي واڻي روپوش آهي، جوابدار طلبي باوجود جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو، انڪري کيس اشتهاري قرار ڏنو وڃي.

عدالت نيب جي درخواست تي پنج آڪٽوبر تائين مونس الاهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته پرڏيهه ۾ موجود مونس الاهي تي ترقياتي رٿائن ۾ مبينا طور اربين رُپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.