ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ خالي بلدياتي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪيمشن موجب، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد سوڌو ٻين ضلعن ۾ خالي سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
چونڊ شيڊيول ۾ ڄاڻايو ويو آهي اُميدوارن پاران 5 کان 7 آڪٽوبر تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا، اُميدوارن جي حتمي فهرست 12 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي، 19 آڪٽوبر تائين اپيلن تي فيصلا ڪيا ويندا ۽ 22 آڪٽوبر تي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا.
اليڪشن ڪميشن موجب، 5 نومبر تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرز جي ننڍي چونڊ ڪرائي ويندي، ڪميٽيز، ڪائونسلرز ۽ ڪارپوريشنز جي مخصوص سيٽن جو اعلان 20 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان مراد به ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندا.