اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان مڪمل دستاويز پيش نه ڪرڻ تي وڪيل تي ٻه هزار ڏنڊ مڙهي ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ انڪم ٽئڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واضح ڪيو ته اسان ٿورو اولڊ فيشن جج آهيون، مڪمل دستاويز ڏسنداسين.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اوهان سان گڏ ريونيو جو ڪو آفيسر ناهي آيو؟ ان تي درخواست گذارجي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ساڻس گڏ ڪو ناهي آهيو.
درخواست گذار جي وڪيل جي موقف تي چيف جسٽس واضح ڪيو ته اسان چيو آهي انڪم ٽئڪس جو ڪيس تڏهن ٻڌو ويندو جڏهن لاڳاپيل کاتي جو ماڻهو گڏ هوندو، عدالت کي کي مدد ملي نٿي ۽ چئو ٿا ڪروڙين رُپين جي ماليت واري ڪيس تي سُپريم ڪورٽ جو اسٽي آهي.
چيف جسٽس جي پڇاڻي تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اسان حڪم جي پورائي جي ڪوشش ڪنداسين جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪوشش ڪريو جيڪڏهن ائين نه ٿيو پوءِ ڏسجو ته ڇا ٿو ٿئي.
دليل ٻڌڻ کانپوءِ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته ڪيترو ڏنڊ هڻون؟ جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته هڪ هزار جو ڏنڊ لڳايو.
چيف جسٽس چيو ته اوهان جهڙي سينيئر جج مان اِها اميد نه هئي، هلو ٻه هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو ٿا، ڏنڊ پنهنجي مرضي جي چيئريٽي فنڊ ۾ جمع ڪرائي رسيد عدالت ۾ جمع ڪرايو.