نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لهندڙ ڀارتي چندريا 3 مشن لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي سائنسدان ان جي لينڊر ۽ روور کي ٻيهر اٿارڻ ۾ هيل تائين ڪامياب ناهن ٿي سگھيا.
چندريان 3 مشن آگسٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لٿو هو.
مشن جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارت چنڊ تي سافٽ لينڊنگ ڪندڙ دنيا جو چوٿون ملڪ جڏهن ته چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهچندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو هو.
پر سيپٽمبر تي شروعات ۾ وڪرم لينڊ ۽ پرگيان روور کي سليپ موڊ تي منتقل ڪيو ويو هو ته جيئن انهن جي برقي اوزارن کي چنڊ جي رات دوران نقصان نه پهچي۔
چنڊ جي هڪ رات زمين جي 14 ڏينهن جي برابر هوندي آهي جنهن دوران گرمي منفي 250 ڊگري تائين گھٽج ويندو آهي.
ان کي سليپ موڊ تي منتقل ڪندي انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن (اسرو) جي سائنسدانن اميد ظاهر ڪئي هئي ته چنڊ تي رات ختم ٿيڻ بعد لينڊڙ ۽ روور کي ٻيهر سرگرم ڪري سگھبو.
اهي ٻئي سولر پاور تي ڪم ڪندا آهن، ان ڪري سائنسدانن کي اميد هئي ته سج جي روشني سان انهن جون بيٽريون ٻيهر چارج ٿي ويندو.
پر اسرو جا سائنسدان هيل تائين لينڊر ۽ روور سان رابطو ناهن ڪري سگھيا ۽ سندن چوڻ آهي ته ان جي بحالي جو امڪان تمام گھٽ آهي.
22 سيپٽمبر تي هنن جو چوڻ هو ته وڪرم لينڊر ۽ پرگيان روور سان رابطو بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن پر ان کان پوءِ ڪي به باضابطا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
اسرو موجب چندريان 3 مشن سان رابطو ڪرڻ جون ڪوششون 30 سيپٽمبر تائين جاري رکيون وينديون، جنهن کان پوءِ چنڊ تي وري رات جي شروعات ٿي ويندي.
جيڪڏهن چندريان ٽي مشن کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام رهيون ته پوءِ اهو مشن ڀارت جي قمري سفير جي طور تي اتي رهندو.
چنڊ تي رهڻ دوران پرگيان روور 100 ميٽرز تائين سفر ڪيو ۽ اتان جون تصويرون ۽ ڊيٽا زمين تي منتقل ڪندي سطح تي سلفر، آئرن ۽ آڪسيجن سميت ٻين ڌاتن جي موجودگي جي تصديق ڪئي.
واضح رهي ته چندريان 3 مشن 14 جولاءِ تي روانو ٿيو هو جيڪو لانچ کان پوءِ 10 ڏينهن تائين زمين جي مدار ۾ موجود رهيو ۽ 5 آگسٽ تي ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ 23 آگسٽ تي ڪاميابي سان چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لٿو هو.
You might also like