” بابر پنهنجي رانديگرن کي سپورٽ ڪندو آهي“ حسن علي وڏا انڪشاف ڪري ڇڏيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته کيس عالمي ڪپ لاءِ ڀارت ويندڙ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جي تمام گهڻي خوشي آهي.
ويجهڙائي ۾ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي حسن علي چيو ته ڪنهن رانديگر کي ان وقت تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن هو ميگا ايونٽن ۾ پنهنجي مُلڪ جي نمائندگي ڪندو آهي.
هن چيو ته مُلڪ جي نمائندگي ڪرڻ هڪ الڳ احساس هوندو آهي، پنهنجي چاهيندڙن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.
فاسٽ بالر چيو ته اسڪواڊ ۾ چونڊجڻ کانپوءِ ڪيئي پيغام اچي چڪا آهن ۽ چيو پيو وڃي عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ ساهرن ڏانهن ويندس ته مون تي ٻٽو دٻاءُ هوندو.
حسن علي چيو ته مون کي ڀارت ۾ عالمي ڪپ کيڏڻ جي خوشي ۽ ساهرن جي ديس ۾ وڪيٽون حاصل ڪري جنريٽر به هلائڻ چاهيان ٿو.
قومي ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته ميدان ۾ اصل احساس هڪ رانديگر جو هوندو آهي، ٻاهر ويهي فيصلا ٻڌائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ وارن کي ميدان جي صورتحال جو اندازو ناهي هوندو.
ڪپتان بابر اعظم بابت ڳالهائيندي حسن علي چيو ته بابر پنهنجي رانديگرن کي سپورٽ ڪندو آهي، اِها سندس بهترين خوبي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.