خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي ڪي جي خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ايس پي آر موجب آپريشن 25 ۽ 26 سيپٽمبر جي رات دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردڪمانڊر ڪفايت عرف طور عدنان سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب ، مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۽ شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.