ڀارتي بيٽرن جا پول پڌرا ٿي ويا!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀارتي ميڊيا پنهنجي ئي بيٽرن کي پيش چئلينجز بابت انڪشاف ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، عالمي ڪپ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽرز لاءِ ليفٽ آرم تيز بالرن خلاف کيڏڻ سخت چئلينج هوندو، پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه کانسواءِ به ٻين ٽيمن جا فاسٽ بالرز ڀارتي بيٽرز کي پريشان ڪري سگهن ٿا.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به شاهين آفريدي کانسواءِ مچل اسٽارڪ، ٽرينٽ بولٽ به ڀارتي بيٽرن کي پريشان ڪري چڪا آهن.

ڀارتي ٽاپ آرڊر ليفٽ آرم فاسٽ بالرن آڏو اعتماد جو مظاهرو ناهن ڪري سگهندا، نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ 2019ع جي سيمي فائنل ۾ ڀارتي بيٽرز لاءِ پريشاني جو سبب بڻيو هو.

شاهين آفريدي، ٽرينٽ بولٽ ۽ مچل اسٽارڪ کانسواءِ ٻيا بالرز به پريشاني جو سبب بڻجي سگهن ٿا، انگلينڊ جو ريس ٽوپلي ۽ بنگلاديش جو شرف الاسلام به ڀارتي بيٽرز لاءِ چئلينج هوندو .

انگلينڊ جو سيم ڪُرن ۽ ڏکڻ آفريڪا جو مارڪو جينسن به ٽاپ آرڊر لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري سگهن ٿا، انهن بالرن ڀارت جي ٽاپ آرڊر کي پنهنجي سوئنگ ۽ يارڪرن سان ماضيءَ ۾ به پريشان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.