فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مک جوابدار حنا شاهه گرفتار

راڻيپور( ويب ڊيسڪ ) راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ وڏي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار اسد شاهه جي گهر واري حنا شاهه کي پوليس حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته پوليس ڇاپا هڻي رهي هئي ته حنا شاهه پاڻ گرفتاري پيش ڪئي آهي.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته حنا شاهه کي ويمن پوليس سينٽر خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب حنا شاهه کي اڄ ئي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ گرفتار پير اسد شاهه ۽ سندس سهولتڪار امتياز ميراثي جو به جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد کين ٻيهر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.