آءِ فون 15 جون اُهي خاميون جيڪي شوقينن نوٽ نه ڪيون

ائين لڳي ٿو ته ”ايپل“ آءِ فون 15 پرو کان هڪ قدم اڳتي وڃڻ بدران وڌيڪ ٻه قدم پوئتي هليو ويو آهي، ڇو جو لکين رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ آءِ فون 15 پرو جي هڪ وڏي خامي سامهون اچي وئي آهي.
آءِ فون 15 ۾ هڪ نئون بيڪ گلاس پينل آهي جنهن جي مرمت ڪرڻ سولي آهي، پر حيران ڪندڙ طور تي اهو سولائي سان ٽٽي به ويندو آهي.
مشهور يوٽيوب Jerry Rig Everything نئين آءِ فون 15 پرو جي جٽادار ٽيسٽ جي وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ان جي پٺين شيشي کي ٽوڙڻ ڪيترو سولو آهي.
هڪ ڊراپ ٽيسٽ وڊيو مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته فون کيسي جيتري اونچائي کان ڪِرڻ تي به ٽٽي سگھي ٿو.
جيستائين پائيداري جي ٽيسٽ جو واسطو آهي ته يوٽيوبر زيڪ روايت موجب اسڪرين ٽيسٽ لاءِ پنهنجي چاقو سان فون تي نشان ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽائٽينيم فريم تي چاقو جي چهنب سان اسڪريچ پئجي ويا.
پر موڙڻ جو ٽيسٽ سڀ کان خطرناڪ حصو هو ڇو جو اهو ٿيو جنهن جي ڪنهن کي به اميد نه هئي، پاڻ زيڪ کي به نه.
موڙيندڙ ٽيسٽ ۾ جديد فون ايتري سولائي سان ناهي ٽٽندي، پر آءِ فون 15 پرو ميڪس کي ٽوڙڻ لاءِ گھڻي محنت نه ڪرڻي پئي.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ايپل هن سال آءِ فون 15 پرو جي پٺين شيشي کي گھٽ لاڳت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.