اسلام ڪوٽ ۾ ميگھواڙ برادري ملڪيتن تي قبضي ۽ حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
هريجن پاڙي جي رهواسين ويرو ميگهواڙ،چونو ميگهواڙ،ڀانو ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جي پلاٽن ۽ مائيٽاڻي جي ملڪيتن تي وشنو ميگهواڙ ۽ اُن جي پُٽن قبضو ڪيو آهي.
هنن چيو ته قبضو ڪندڙ اسان خلاف ڪورٽن ۾ ڪوڙيون درخواستون ڏين ٿا،ڪو به آفيسر انڪوائري تي اچي ٿو ته اُنهي سان جهيڙو ڪن ٿا،جوابدار کي بااثرن جي پٺڀرائي حاصل آهي،
احتجاج ڪندڙن ٿرپارڪر جي سيشن جج ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.