صائم ايوب ڪريبيئين پريميئر ليگ ۾ پنهجي هاڪَ ويهاري ڇڏي

ڪريبيئين پريميئر ليگ ۾ نوجوان پاڪستاني بيٽر صائم ايوب پنهنجي هاڪ ويهاري ڇڏي ۽ ٽورنامينٽ ۾ ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.
نوجوان بيٽر صائم ايوب بهترين ڪارڪردگي سان پنهنجي ٽيم گيانا واريئرز کي پهريون ڀيرو چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
صائم ايوب فائنل ۾ 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، هن ڇڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا.

صائم ايوب نه رڳو فائنل پر سڄي ٽورنامينٽ ۾ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ليگ جي 13 ميچن ۾ 43.45 جي شاندار ايوريج سان مجموعي طور 478 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 4 ففٽيون شامل هيون، سندس اسٽرائيڪ ريٽ 142.26 رهيو، هو ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 39 چوڪا ۽ سڀ کان وڌيڪ 28 ڇڪا هڻندڙ بيٽر به رهيو.
نوجوان پاڪستاني بيٽر ٽورنامينٽ ۾ ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو ۽ پهرئين نمبر تي ويسٽ انڊيز جون شاءِ هوپ آهي، جنهن صائم ايوب کان رڳو 3 رنسون وڌيڪ ٺاهيون ۽ سندس مجموعي اسڪور 481 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.