ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي عجيب ڳالهين جي ڪري خبرن ۾ رهندي آهي.
تازو هن ديسي ٽوٽڪو پڇي ورتو آهي.
پنهنجي تازي ٽويٽ ۾ هن لکيو ته منهنجو ڳلو خراب ٿي ويو آهي، ڳلو ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪو ديسي ٽوٽڪو ته ٻڌايو.
سندس ٽويٽ تي واهپيدارن تبصرا شروع ڪري ڇڏيا ۽ ڪير به سندس مسئلي کي سنجيده نه پيو وٺي.
هڪ سعديه نالي واهپيدار کيس سنجيدگي سان ٽوٽڪو ڏنو ۽ چيو ته لوڻ ملائي پاڻي اٻاري غرڙيون ڪريو.
سائما نالي واهپيدار کيس چيو ته تيل سان مساج ڪريو.