زمين سان ٽڪرائجندڙ سياري جا نمونا زمين تي پهچي ويا

سياري جي سطح تان ڌوڙ ۽ ذرڙن جا نمونا گڏ ڪرڻ کان پوءِ ناسا جو خلائي جهاز 8 سالن کان پوءِ زمين تي موٽي آيو آهي.
ناسان جي رپورٽ موجب اوسيرس ريڪس نالي ناسان جو خلائي جهاز گذريل ڏينهن مقامي وقت موجب صبح جو 8 لڳي 52 منٽن تي آمريڪا جي رياست يوٽاهه جي اولهه رڻ تي حفاظت سان لينڊ ٿيو هو.
ان کان پوءِ ان کي دگ وي فوجي اڏي تي پهچايو ويو جتي ان جي مواد جو جائزو ورتو ويندو ۽پوءِ اهي نمونا اڄ هيوسٽن ۾ ناسان جي جانسن اسپيس سينٽر جي هڪ نئين ليب ۾ موڪليا ويندا.
ان خلائي جهاز ”بينو“ نالي سياري جي سطح جا نمونا گڏ ڪيا آهن، سائنسدانن طرفان ان سياري کي ”شمسي نظام جي سڀ کان خطرناڪ ڇپ“ قرار ڏنو پيو وڃي.
اهو خلائي جهاز پيراشوٽ جي مدد سان 27 هزار ميل في ڪلاڪ (تقريبن 43 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار سان زمين تي لينڊ ٿيو.
ان خلائي جهاز ۾ هڪ ڪيپسول به موجود آهي جنهن ۾ اهي نمونا گڏ ڪيا ويا آهن، خلائي جهاز جي لينڊ ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ ڪيپسول کي ٻاهر ڪڍيو ويو.
اوسيرس ريڪس ٽيم جڏهن ڪيمرا ذريعي ڪيپسول کي ڏٺو ته اتي خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.
سائنسدانن جو خيال آهي ته بينو ذريعي گڏ ٿيل نمونن مان اهو ڄاڻڻ سولو ٿيندو ته اسان جي دنيا ۾ زندگي جي شروعات ڪيئن ٿي.
سائنسدانن جو اندازو آهي ته ان ڪيپسول ۾ هڪ ڪوپ جيترو نمونو ٿي سگھي ٿو جيڪو ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
ان کان اڳ جاپان اهو پهريون ملڪ هو جنهن سياري تان نمونا گڏ ڪيا هئا جيڪي تقريبن هڪ چمچي جي برابر هئا.
ناسان جي اوسيرس ريڪس خلائي جهاز طرفان گڏ ڪيل نمونا 2020ع ۾ سياري بينو جي سطح تان حاصل ڪيا ويا هئا.
ناسان طرفان بينو جي سطح تان نمونا گڏ ڪرڻ جو مشن 7 سالن جو هو جنهن ۾ شمسي نظام جي سڀ کان خطرناڪ پٿر چورائيندڙ ايسٽرائڊ جو مطالعو ڪيو ويو هو.
سائنسدان اها اميد ڪري رهيا آهن ته انهن نمونن سان 4.5 ارب سال اڳ سيارن جي جڙڻ بابت نئين ڄاڻ ملندي.
بينو خطرناڪ ڇو آهي ۽ سائنسدانن کي ان ۾ ڇو دلچسپي آهي؟
اوسيرس ريڪس خلائي جهاز 2016ع ۾ زمين کان بينو ڏانهن ويو هو.
2016ع ۾ زمين کان لانچ ٿيڻ بعد ان خلائي جهاز بينو جي چوڌاري ٻن سالن تائين چڪر لڳايا ۽ ان دوران اوسيرس ريڪس سائنسدانن کي ”خلائي جبل“ يعني بينو جي تصوير ۽ ڊيٽا موڪليو ته جيئن سمجهي سگھجي ته بينو سان سج ۽ سيارن جي ٺهڻ جي عمل جا ڪيترائي اشارا ملي سگھن ٿا.
۽ پوءِ 2018ع ۾ ان خلائي جهاز بينو جي سطح کي ڇُهيو، جيئن ئي خلائي جهاز بينو جي سطح تي لٿو ته ان تي نائٽروجن گيس جو دٻاءُ وجهي هوا ۾ لهندڙ ڌوڙ ۽ پٿر جا نمونا گڏ ڪري ورتا، نمونا گڏ ڪرڻ کان پوءِ ان ٻيهر اڏام ڀري ۽ پوءِ ٽن سالن کانپوءِ اهو زمين تي لٿو آهي.
بينو نالي سياري جي ويڪر رڳو 550 ميٽر آهي ۽ اهو سيارو شمسي نظام جي ٺهڻ جي شروعاتي دور جو آهي.
سائنسدانن کي بينو ۾ ان لاءِ دلچسپي آهي ڇو جو سال 2060ع ۾ ان جي زمين جي ويجهو گذرڻ جو امڪان آهي جنهن سان سائنسدانن کي وڌيڪ رازن کي جاچڻ جو موقعو ملي سگھندو.
سائنسدانن جو اهو به خيال آهي ته بينو سان گڏ ٿيندڙ نمونن مان اهو ڄاڻڻ سولو هوندو ته اسان جي دنيا ۾ زندگي جي شروعات ڪيئن ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.