صائم ايوب گيانا واريئرز کي پهريون ڀيرو سي پي ايل جو چيمپيئن بڻائي ڇڏيو

ڪريبيئين پريميئر ليگ جي فائنل ۾ قومي ڪرڪيٽر صائم ايوب جي شاندار ڪارڪرگي عيوض گيانا واريئرز، نائيٽ رائيڊرز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.
ڪريبيئين پريميئر ليگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ رهي، انهن ۾ صائم ايوب سڀني کان اڳتي رهيو، جنهن بهترين ڪارڪردگي سان پنهنجي ٽيم گيانا واريئرز کي ڇهون ڀيرو فائنل ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ وري فائنل ۾ ناقابل شڪست ففٽي ٺاهي ٽيم کي پهريون ڀيرو چيمپيئن بڻائي ڇڏيو.
سي پي ايل جو فائنل 5 ڀيرا جي رنر اپ گيانا واريئرز ۽ چار ڀيرا جي چيمپيئن نائيٽ رائيڊرز وچ ۾ کيڏيو ويو.
فائنل ۾ نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم 18.1 اوورن ۾ رڳو 94 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
گيانا صائم ايوب جي جارحاڻي بيٽنگ جي مدد سان 95 رنسن جو هدف 14.1 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، هن 41 بالن تي 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، صائم ايوب ڇڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا.
گيانا جي ٽيم جيئن ئي چيمپيئن بڻي ته ان جا رانديگر ميدان ۾ اچي ويا ۽ صائم ايوب کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو.

صائم ايوب نه رڳو فائنل پر سڄي ٽورنامينٽ ۾ بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ ليگ جي 13 ميچن ۾ 43.45 جي شاندار ايوريج سان مجموعي طور 478 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 4 ففٽيون شامل هيون، سندس اسٽرائيڪ ريٽ 142.26 رهيو، هو ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 39 چوڪا ۽ سڀ کان وڌيڪ 28 ڇڪا هڻندڙ بيٽر به رهيو.
نوجوان پاڪستاني بيٽر ٽورنامينٽ ۾ ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو ۽ پهرئين نمبر تي ويسٽ انڊيز جون شاءِ هوپ آهي، جنهن صائم ايوب کان رڳو 3 رنسون وڌيڪ ٺاهيون ۽ سندس مجموعي اسڪور 481 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.