سام سنگ جا ٻه نوان ۽ سستا فونز متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڏکڻ ڪورين ملٽي نيشنل ڪمپني ”سام سنگ“ خاموشي سان ”اي سيريز“ جا ٻه بجيٽ فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا، جن کي ميموري جي حوالي سان معياري فونز قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪمپني خاموشي سان ”سام سنگ: گيليڪسي اي 05، سام سنگ: گيليڪسي اي 05 ايس کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جن کي 6-7 انچن جي اسڪرينز سان گڏ پيش ڪيو آهي.
گيليڪسي اي 05
ڪمپني ان فون جي بيڪ تي ٻه ڪيمرائون ڏنيون آهن جن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻين 2 ميگا پڪسل آهي.
فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي ۽ ان کي اينڊرائڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم سان ليس ڪيو ويو آهي.
گيليڪسي اي 05 کي پنج هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 25 واٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچرز به ڏنا ويا آهن ۽ ان کي مختلف رنگن ۽ 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني ان فون جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو، پر امڪان آهي ته ان پاڪستان ۾ 40 کان 42 هزار رپين جي قيمت جي وچ ۾ پيش ڪيو ويندو.
گيليڪسي اي 05 ايس
ڪمپني پنهنجي ان بهترين فون جي بيڪ تي ٽي جڏهن ته هڪ 13 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو آهي.

گيليڪسي اي 05 ايس جي بيڪ تي ٽي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جن مان مين ڪيمرا 50 جڏهن ته ٻيون ترتيبوار ٻه ٻه ميگا پڪسل جي آهي.
ان فون کي به 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 25 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ به اينڊرائڊ 13 جو آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي.
ان فون ۾ به فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچر به ڏنا ويا آهن ۽ ان کي به 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ان فون جي قيمت جو به اعلان ناهي ڪيو ويو، پر امڪان آهي ته پاڪستان ۾ ان کي 48 هزار رپين تائين پيش ڪيو ويندو.
ٻنهي فونز کي ڪمپني شروعاتي طور تي رڳو ملائيشيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي ۽ انهن کي پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ ايندڙ مهيني تائين پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.