عالمي ڪپ 2023 لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ کي ڀارتي ويزائون جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت ورلڊ ڪپ 2023 ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ کي ويزائون جاري ڪري ڇڏيون.
پاڪستان ٽيم جي ويزا جي منظوري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي خط لکيل خط جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڏني وئي، پاڪستان ٽيم جي ويزا روانگي کان 48 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت بچڻ کانپوءِ ڏني وئي آهي.
پاڪستان ٽيم جي اڱاري ۽ اربع جي رات دبئي رستي ڀارت روانگي طئي آهي، عالمي ڪپ 2023 جو ميلو 5 آڪٽوبر کان 19 نومبر تائين ڀارت ۾ سجندو.
ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ٽيم 29 سيپٽمبر تي نيوزيلينڊ ۽ 3 آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف وارم اپ ميچ کيڏندي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 6 آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.