لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو لاهور ۾ ڊرائيونگ دوران چالان ٿي ويو.
ٽريفڪ پوليس موجب بابر اعظم کي گلبرگ ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي روڪيو ويو، وٽس ڊرائيونگ لائسنس موجود نه هو.
ٽريفڪ پوليس ٻڌايو ته بابر اعظم جو ٽريفڪ وارڊ ٻه هزار رپين جو چالان ڪيو.