ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪپل ديو کي اغوا ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
تيزي سان وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڪرڪيٽ جي ڀارتي ليجنڊ ڪپل ديو سان هڪ جهڙائي رکندڙ هڪ شخص کي ڏيکاريو ويو جنهن جا هٿ ٻڌل هئا، وات تي پٽي ٻڌل هئي ۽ ٻه ماڻهو کيس گهلي رهيا هئا.
ظاهري طور ائين لڳي رهيو هو ته جيئن ڪپل ديو کي اغوا ڪيو پيو وڃي.
ڪرڪيٽر مان سياستدان بڻجندڙ گوتم گمڀير ان ڪلپ کي ايڪس تي شيئر ڪندي ڳڻتي ظاهر ڪئي.
وڊيو شيئر ڪندي هن لکيو ته هي ڪلپ ڪنهن ڪنهن کي ملي آهي، اميد آهي ته اهو اصل ڪپل ديو نه هوندو، ان جو ڊپليڪيٽ هوندو ۽ ڪپل پاجي ٺيڪ هوندو.
Anyone else received this clip, too? Hope it’s not actually @therealkapildev 🤞and that Kapil Paaji is fine! pic.twitter.com/KsIV33Dbmp
— Gautam Gambhir (@GautamGambhir) September 25, 2023
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اها پروموشن مهم ٿي سگهي ٿي.