ڪراچي: گهر جي چوڪيدار ماءُ ۽ پٽ کي ماري لاش کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ گهر جي چوڪيدار ماءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ناظم آباد مجاهد ڪالوني ۾ گهر اندر کوهه مان ماءُ ۽ پٽ جا لاش هٿ آيا، جن کي گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي وئي ته قتل جي واردات ۾ گهر جو چوڪيدار ملوث نڪتو، جنهن ٻنهي کي گهٽو ڏئي قتل ڪيو ۽ لاش کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيا.
پوليس موجب چوڪيدار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ جاچ دوران هن لاشن جي نشاندهي ڪئي، جنهن کانپوءِ لاش کوهه مان ڪڍيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.