پاڪستان ۾ پلاسٽڪ سان ٺاهيل روڊ برساتي پاڻي ۾ نه لڙهندو نه ئي کڏا پوندا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ پلاسٽڪ سان ٺاهيل روڊ  برسات جي پاڻي ۾ نه لڙهندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چو ته پلاسٽڪ کي پراسيس مان گذري روڊ ٺاهيو ويو، پلاسٽڪ جا روڊ برساتي پاڻي ۾ نه ٽٽندا، روڊ فائديمند هوندو جنهن سان نيڪال وارو نظام بهتر ٿي ويندو.

هن چيو ته عام روڊ تي 6 ڪروڙ في ڪلوميٽر خرچ ٿئي ٿو پر پلاسٽڪ جي روڊ تي 2 ڪروڙ خرچ ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.