موبائيل واهپيدارن لاءِ سٺي خبر، گوگل جو ختم ڪيل فيچر واپس آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينڊرائيڊ فونز ۾ هڪ وقت هو ته ’لاڪ اسڪرين‘ تي ’ويجيٽس‘ ظاهر ٿيندا هئا، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ گوگل انهن ويجيٽس کي هٽائي ڇڏيو.

هاڻي اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري آهي ته اهي فيچرز گوگل طرفان ٻيهر اينڊرائيڊ 14 ۾ فراهم ڪيا پيا وڃن.

اهو فيچر تي اينڊرائيڊ 14 جي بيٽا ورزن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

XDA ڊولپرز جي اڳوڻي ايڊيٽر-ان-چيف مشال رحمان جو چوڻ آهي ته اينڊرائيڊ 14 جي بيٽا ورزن ۾ هڪ نئون ”سسٽم يو آءِ فليگ“ ڏٺو ويو آهي جنهن کي ”ويجيٽس آن ڪي بورڊ“ سڏيو وڃي ٿو.

ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته گوگل ٻيهر وجيٽس آڻي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.