پاڪستان دنيا جو وڏو ملڪ آهي جيڪو ماڻهن کي پناهه ڏئي ٿو: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جيئن جو تيئن پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏن ملڪن مان هڪ آهي. پاڪستان ۾ رهندڙ افغاني شهرين جو ڪُل انگ 3.7 ملين آهي.
گڏيل قومن جي ماتحت اداري پناهگيرن بابت يو اين هاءِ ڪمشنر جي جون 2023ع تائين جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جو ڪُل انگ 3.7 ملين آهي جڏهن ته ان کانسواءِ گذريل 40 سالن کان وڌيڪ عرصي دروان غير قانوني افغانين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري آهي.
گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب رڳو 1.33 ملين رجسٽرڊ آهن جڏهن ته ست لک 75 هزار مهاجر رجسٽريشن کانسواءِ پاڪستان ۾ رهن ٿا، نون انگن اکرن موجب 6 لک نوان پناهگير پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
غير قانوني افغان شهري ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ منشيات ۽ ٻين غير قانوني شين جي سمگلنگ ۾ ملوث آهن، ان کان اڳ به پاڪستان انهن کي رهڻ جي جاءِ ڏئي گھڻو نقصان ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.