اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت جي معاملي ۾ جسٽس سردار طارق مسعود قانوني راءِ ڏئي ڇڏي، جيڪا جڊيشل ڪائونسل کي وصول ٿي وئي.
جسٽس سردار طارق مسعود جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف شڪايتن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪري ورتي.
ذريعن موجب جسٽس سردار طارق مسعود جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن تي قانوني راءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪلي ڇڏي آهي، جسٽس سردار طارق مسعود جي راءِ تي ڪائونسل اجلاس گهرائڻ يا نه گهرائڻ جو فيصلو ڪندي.
جسٽس مظاهر نقوي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ 10 شڪايتون موڪليون ويون هيون، شڪايتن تي قانوني راءِ ڏيڻ لاءِ معاملو جسٽس سردار طارق مسعود حوالي ڪيو ويو هو.
ان کان اڳ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس عائشا ملڪ خلاف شڪايتن تي به جسٽس سردار مسعود قانوني راءِ ڏئي چڪو آهي، ڄاڻايل ججن خلاف شڪايتن تي جسٽس سردار مسعود قانوني راءِ ڏني هئي ته مس ڪنڊڪٽ جو ڪيس نٿو ٺهي.
You might also like