خبردار! بخار جو هي سيرپ خريد نه ڪجو

مارڪيٽ ۾ بخار جي غير معياري سيرپ جي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊريپ بخار جي دوا جو هڪ بيچ غير معياري قرار ڏيندي صوبائي ٽيمن کي ميڊيسن مارڪيٽ ۾ سرويلنس وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پيڊولل سسپنشن جي پراڊڪٽ جو ري ڪال الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊريپ الرٽ موجب پيڊولل سسپنشن پيراسيٽامول فارمولي مان تيار ٿيل آهي ۽ ان جي بيچ 167 کي غير معياري قرار ڏنو ويو آهي.
ڊريپ چيو ته پيڊولل سسپنشن جي اي ايس ايم فارما رسالپور جو تيار ڪيل آهي، ان کي فيڊرل ڊرگ اينالسٽ، سي ڊي ايل ڪراچي غير معياري قرار ڏنو آهي.
ڊريپ وڌيڪ چيو ته پيڊولل سسپنشن ري ڪال الرٽ شهري، ڊاڪٽرز، ڪيمسٽ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، پيڊولل سسپنشن بخار، جسم ۾ سور جي جلاج ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڊريپ الرٽ ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽرز مريض کي پيڊولل سسپنشن جو متاثر بيچ استعمال نه ڪرائين، غير معياري دوا جو استعمال مريض جي حياتي لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو.
ڊريپ چيو ته غير معاري دوا جو استعمال جيري، بُڪين لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھي ٿو گڏ ئي بخار جي غير معياري دوا جو استعمال رت جي خرابي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
فارما ڪمپني پيڊولل سسپنشن جو متاثر بيچ سپلاءِ نه ڪري، ڪمپني جو متاثر بيچ مارڪيٽ مان واپس کڻي ۽ ڪيمسٽ پيڊولل سسپنشن جو متاثر بيچ فارما ڪمپني کي واپس ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.